ستيئڙو مسجد

ستيئڙو مسجد

ستيئڙو مسجد

ستيئڙو مسجد (Sutiaro Mosque): هيءُ مسجد تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ هاءِ وي تي موجود آهي. مسجد پڪين ۽ ڪچين سرن جي ٺهيل آهي، جيڪا قديم معلوم ٿئي ٿي. مسجد جي اڱڻ کي احاطو آهي، جنهن کي اڍائي ٽن فوٽن جي ڪچي اوڏڪي ديوار ڏنل آهي. مسجد جي مهاڙيءَ ۾ ٽي طاقچا آهن، جن مان وچ وارو طاقچو وڏو آهي، جنهن ۾ لنگهه لاءِ ونگائين دروازي ۾ چوڪاٺيءَ جو در نصب آهي. باقي ٻين ٻنهي طاقچن ۾ ٻه نمائشي دريون ٺاهيل آهن. مسجد جي ٻنهي پاسن وارين ڀتين ۾ دريون آهن. چئني ڪنڊن تي پڪين سرن جون ٿنڀيون ٺاهي انهن تي نيلون هنيون ويون آهن، مسجد جي ڇت تي گنبذ رکيو ويو آهي، جنهن تي نيل آهي. ٻيڙٻنو خاص طور چئني پاسن کان ڪپڪين سرن جو ڏنل آهي. مسجد کي محراب به آهي، اڱڻ ۾ پراڻو کٻڙ جو وڻ موجود آهي، جنهن مسجد جي مهاڙي لڳ ڀڳ ڍڪي ڇڏي آهي. کٻڙ جي هيٺان آئي وئي لاءِ پاڻيءَ جون مَٽيون ڀري رکيل آهن. مسجد جي چوگرد سرن جا ٽڪر پيل آهن. هيءَ مسجد قديم معلوم ٿئي ٿي. سنڀال نه ٿيڻ ڪري ڀتين جو گارو ڇڻي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو